پاڪستاني ڪرڪيٽ جو سڀ کان وڏو ايونٽ پاڪستان سپر ليگ اڄ کان شروع ٿي رهيو آهي

پاڪستاني ڪرڪيٽ جو سڀ کان وڏو ايونٽ پاڪستان سپر ليگ اڄ کان شروع ٿي رهيو آهي، دبئي ۾ پي ايس ايل جي چوٿين ايڊيشن جي افتتاحي تقريب جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.

پاڪستان سپر ليگ جي چوٿين ايڊيشن جي باقائده شروعات اڄ ٿيندي، افتتاحي تقريب شام 8 لڳي 45 منٽن تي دبئي ۾ ٿيندي، جنهن ۾ جنون گروپ، فواد خان، آئمه بيگ سميت ٻيا فنڪار فن جو مظاهرو ڪندا.

افتتاحي تقريب کانپوءِ شروعاتي مئچ ۾ اسلام آباد يونائيٽڊ ۽ لاهور قلندرز جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون..

ايونٽ ۾ شامل سمورين ٽيمن جا رانديگر دبئي پهچي ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*