شاهه محمود قريشي جرمني ۾ ٿيندڙ گلوبل سڪيورٽي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ روانو ٿي ويو

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جرمني ۾ ٿيندڙ گلوبل سڪيورٽي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ميونخ روانو ٿي ويو، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪ – آمريڪا لاڳاپن بابت تازا بيان انتهائي هاڪاري آهن، پاڪستان تي آڱر کڻڻ بدران پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي پئي وڃي.

جرمني روانگي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪ – آمريڪا لاڳاپن بابت تازا بيان انتهائي هاڪاري آهن.

هن چيو ته، پاڪستان تي آڱر کڻڻ بدران پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي پئي وڃي.

شاهه محمود قريشي  چيو ته، پاڪستان افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي، اڄ دنيا اهڙي عمل جي واکاڻ پئي ڪري، جئين ته اوهان به ڄاڻو ٿا ته افغانستان سڄي دنيا ۾ هن وقت بحث هيٺ آهي.

پرڏيهي وزير چيو ته ميونخ ۾ گلوبل سيڪيورٽي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ جرمني وڃي رهيو آهيان.

هن چيو ته، گلوبل سيڪيورٽي ڪانفرنس ۾ سڄي دنيا مان ڪيترائي ملڪ شرڪت ڪندا آهن.

هن چيو ته ڪانفرنس ۾ سڄي دنيا مان پرڏيهي وزير، دفاع وارا وزير ۽ سيڪيورٽي ماهر شرڪت ڪري رهيا آهن، روس، جرمني، ڪينيڊا ۽ ازبڪستان جا پرڏيهي وزير به ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندا.

شاهه محمود قريشي چيو ته، آئون گلوبل سيڪيورٽي ڪانفرنس ۾ پاڪستاني جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو آهيان، آئون سڀني آڏوپاڪستان جو موقف پيش ڪندس.

هن چيو ته، ميونخ ۾ افغان صدر اشرف غني به اچي رهيو آهي، افغان صدر اشرف غني افغانستان جو موقف پيش ڪندو.

شاهه محمود قريشي چيو ته، ڪانفرنس ۾ عالمي سيڪيورٽي صورتحال تي مستقبل لاءِ ايندڙ لائحه عمل جوڙيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*