قومي اسيمبلي جو اجلاس سومر تي ٿيندو، وزيراعظم عمران خان به شرڪت ڪندو

قومي اسيمبلي جو اجلاس سومر تي ٿي رهيو آهي، وزيراعظم عمران خان به شرڪت جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن دوران ايون کي سعودي ولي عهد جي دوري بابت اعتماد ۾ ورتو ويندو.

قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ سومر تي ٿي رهيو آهي، جنهن دوران مختلف معاملن تي بحث ڪيو  ويندو.

ذريعن موجب، عمران خان سومر تي قومي اسيمبلي جي اجلاس۾ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي دوري بابت تفصيلن کان آگاهه ڪندو.

اجلاس دوران ايوان کي سعودي ولي عهد جي دوري سميت مختلف معاملن تي اعتماد ۾ ورتو ويندو.

قومي اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ تحريڪ انصاف پارلياماني پارٽي جو اجلاس به طلب ڪري ورتو آهي، جنهن جي صدارت وزيراعظم عمران خان ڪندو.

ذريعن موجب، وزيراعظم پارلياماني پارٽي ۾ سياسي صورتحال سميت مختلف معاملن خيالن جو اظهار ڪندو ۽ پارلياماني پارٽي کي محمد بن سلمان جي دوري جي اهميت کان آگاهه ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*