وزيراعظم هائوس يونيورسٽي کي هڪ ڀيرو ٻيهر پي ايم هائوس ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، امير مقام

لاهور ۾ ڪوٽ لکپت جيل ٻاهران نواز ليگ ڪارڪنن شيخ رشيد خلاف احتجاج  ڪري سندن تصوير کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.

امير مقام چيو آهي ته وزيراعظم هائوس يونيورسٽي کي هڪ ڀيرو ٻيهر پي ايم هائوس ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، جيتريون گاڏيون وڪرو ڪيون ويون، ان کان به وڌيڪ رينٽ ادا ڪيو ويو.

لاهور ۾ ڪوٽ لکپت جيل ٻاهران نواز ليگ ڪارڪنن ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد خلاف احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي ليگي ڪارڪنن شيخ رشيد جي تصوير کي ساڙي ڇڏيو ۽ شيخ رشيد خلاف نعريبازي ڪئي، جڏهن ته نواشريف جي حق ۾ نعرا  هنيا ويا.

نوازليگ اڳواڻ امير مقام چيو ته وزيراعظم هائوس يونيورسٽي کي هڪ ڀيرو ٻيهر پي ايم هائوس ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، جيتريون گاڏيون وڪرو ڪيون ويون، ان کان به وڌيڪ رينٽ ادا ڪيو ويو.

امير مقام چيو ته، جيتري قيمت ۾ گاڏيون وڪرو ڪيون ويون، ان جي ٻيڙ تي رقم ادا ڪئي وئي آهي.

اڳوڻي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته نوازشريف جي علاج ۾ رنڊڪون وڍيون پيون وڃن، نوازشريف کي علاج جون مناسب سهولتون نه پيون فراهم ڪيون وڃن.

پرويز رشيد چيو ته نوازشريف جي علاج ۾ جيڪي رنڊڪون وڌيون ويون، انهن کي دنيا ڏسي ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*