شڪارپور پوليس وڌيڪ هڪ خطرناڪ دهشتگرد ضمير مارفاڻي کي گرفتار ڪري ورتو

شڪارپور  پوليس وڌيڪ هڪ خطرناڪ دهشتگرد ضمير مارفاڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جنهن جيڪب آباد ۾ سيد غلام حسين شاهه قمبر واري تي حملي جي مخبري ڪرڻ ۽  حاجن شاهه ماڙي واري تي حملو ڪندڙ جوابدارن کي مسواڙ تي گهر وٺي  ڏيڻ جو اعتراف ڪيو آهي.

شڪارپور پوليس موجب گرفتار جوابدار ضمير مارفاڻي اعتراف ڪندي ٻڌايو ته هن  جيڪب آباد ۾ سيد غلام حسين شاهه مٿان بم حملي جي مخبري ڪئي ۽سيد حسين  شاهه جي قافلي واري  رستي تي بم علي شير بروهي ۽ خليل بروهي پوريو هو، حملي وقت هو موٽرسائيڪل تي قافلي جي پٺيان هلي رهيو هو.

هن ٻڌايو ته سندس  ڏنل اطلاع تي ڊوائيس ذريعي ڌماڪو ڪيو ويو.

شڪارپور پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدار اهو به اعتراف ڪيو آهي ته  درگاهه حاجن شاهه ماڙي ۾ ڌماڪو ڪندڙ خليل ۽ اسماعيل بروهي کي مسواڙ تي جاءِ به هن وٺي ڏني هئي.

هن  ٻڌايو  ته درگاهه حاجن شاهه تي ڌماڪي ۾ ملوث اسماعيل بروهي رحيم يار جي جيل ۾ قيد آهي.

پوليس موجب شڪارپور سانحي ڪيس ۾ خليل ۽ غلام رسول جي گرفتاري بعد هن پاڻ وٽ رکيل ڌماڪيدار مادو واهه ۾ وهائي ضايع ڪيو هو.

Comments

  1. Ajmal
    Ajmal 20 April, 2015, 12:29

    Mukhe natho lage ta marfani aen berohi Sindh me mazhabi intihapasndi krain lai eho sub kujh kayo ahe..

    Reply this comment

Write a Comment

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*