سنڌ حڪومت گاڏين جي رجسٽريشن لاءِ سمارٽ ڪارڊ متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو

سنڌ حڪومت گاڏين جي رجسٽريشن لاءِ  موٽر وهيڪل بڪ ختم ڪري سمارٽ ڪارڊ متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ٽرانسپورٽ واري وزير جو چوڻ آهي ته ماڻهو موٽر سائيڪل جو بڪ ۽ ڪاغذ سنڀالي نٿا سگهن ان لاءِ سمارٽ ڪارڊ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

سنڌ سرڪار گاڏين جي رجسٽريشن لاءِ هڪ جديد نظام لاڳو ڪري رهي آهي، جنهن تحت گاڏين جي موٽر وهيڪل بڪ بدران هاڻي سمارٽ ڪارڊ آندو پيو وڃي.

ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير اويس قادر شاهه جو چوڻ آهي ته ماڻهو موٽر سائيڪل جو بڪ ۽ ڪاغذ سنڀالي نٿاسگهن، تنهنڪري بڪ کي ختم ڪري ان جي بدران سمارٽ ڪارڊ متعارف ڪيو پيو وڃي.

ٽرانسپورٽ واري وزير چيو ته سمارٽ ڪارڊ جي فيس 8 سئو رپيا هوندي، ٽرانسپورٽ کاتي ان حوالي سان سمري به سنڌ جي وڏي وزير ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*