وفاقي حڪومت “ڪامياب جوان” پروگرام شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

وفاقي حڪومت “ڪامياب جوان” پروگرام شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، پروگرام لاءِ 200 ارب رپيا مختص، 10 لک نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۾ مدد ملندي.

وفاقي سرڪار ” ڪامياب جوان“ پروگرام شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.

وفاقي سرڪار پاران نوجانن بابت اجلاس ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ ناڻي واري وزيراسد عمر ۽ وزيراعظم جي خاص مددگار عثمان ڊار شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ وفاقي سرڪار ڪامياب جوان پروگرام لاءِ 200 ارب مخصوص ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

وزيراعظم جي منظوري ملندي ئي پروگرام باقاعده لانچ ڪيو ويندو ۽ منصوبي سان 10 لک نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۾ مدد ملندي.

اسٽيٽ بئنڪ جي مدد سان مائيڪرو اينڊ سمال فنانسنگ جي حڪمت عملي طئي ڪئي وئي آهي.

ناڻي واري وزير اسد عمر چيو ته نوجوانن کي تيار ڪري رهيا آهيون، حڪومت زبردست پيڪيج آڻي رهي آهي،نوجوانن کي ڪامياب ڏسڻ لاءِ سنجيده قدم کڻي رهيا آهيون.

عثمان ڊار  چيو ته وزيراعظم عمران خان نوجوانن کي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ٻين ادارن سان رابطي ۾ آهي، نوجوانن جا مسئلا اوليتي بنيادن تي حل ڪيا ويندا.

وزيراعظم جي خاص مددگار چيو ته نوجوانن کي روزگار ۽ ڪاروبار جي فراهمي جو مرحلو فور طور شروع ٿي رهيو آهي.

عثمان ڊار  چيو ان حوالي سان وزيراعظم سان مشورو جاري  آهي ۽ وڌيڪ منصوبا به شروع ڪري رهيا آهيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*