تحريڪ انصاف اسان جي منصوبن تي پنهنجي نالي جون تختيون لڳائي رهي آهي، نوازشريف

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته ايندڙ جمعي جي نماز جاتي عمره ۾ ادا ڪندس، تحريڪ انصاف اسان جي منصوبن تي پنهنجي نالي جون تختيون لڳائي رهي آهي. پرويز مشرف نيب قانون مون کي فوڪس ڪري ٺاهيو، ن ليگ جي هيلٿ ڪارڊ جو پي ٽي آءِ  ڪريڊٽ پئي وٺي، انشاالله حق ۽ سچ جي ڪاميابي ٿيندي.

اڳوڻي وزيراعظم ميان نوازشريف ڪوٽ لکپت جيل ۾ مختلف اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، برسات سبب نوازشريف جو موڊ به خوشگوار ٿي ويو.

ملاقات لاءِ آيل پير صابر ساهه کان نوازشريف مالم جبا ۽ هزاره ۾ پيل برفباري بابت به پڇيو.

نوازشريف چيو ته صبح ستين وڳي سيل کليو ته خوشگوار موسم کي ڏسي تمام گهڻو مزو آيو، جيڪڏهن جيل کان ٻاهر هجا ته برفباري جو مزو وٺان ها.

نوازشريف سان ملاقات لاءِ آيل ليگي ڪارڪنن سوال ڪيو ته اوهان اسپتال، جيل يا گهر وڃڻ پسند ڪندو؟

جنهن تي نوازشريف جواب ڏنو ته جيڪڏهن آزادي ملي ته راءِ ونڊ جاتي عمرا ويندس.

نوازشيرف چيو ته پرويز مشرف نيب قانون مون کي فوڪس ڪري ٺاهيو، ن ليگ جي هيلٿ ڪارڊ جو پي ٽي آءِ  ڪريڊٽ پئي وٺي

هن چيو ته انشاءَ الله ايندڙ جمعي تائين آزادي ملي ويندي ۽ ايندڙ جمعو جاتي عمر ۾ پڙهندس.

ان موقعي تي نوازشريف شعر پڙهيو ته صبح هوتي هي، شام هوتي هي، زندگي يون هي تمام هوتي هي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*