رائو انوار اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي نظرثاني لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

ملير جي اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ بابت  10 جنوري واري سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي نظرثاني لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته سپريم ڪورٽ 10 جنوري واري حڪمنامي تي نظرثاني ڪري، نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي.

ملير جي اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ بابت  10 جنوري واري سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي نظرثاني لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته سپريم ڪورٽ 10 جنوري واري حڪمنامي تي نظرثاني ڪري، عدالت پنهنجي حڪم ۾ انصاف جي گهرجن کي نظر انداز ڪيو.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته، عدالتي حڪم  ۾ قانوني نقطن کي نظر ۾نه رکيو ويو آهي، عدالتي نظرثاني بعد نالو اي سي ايل مان ڪڍيو وڃي.

درخواست موجب، ايف آءِ آر داخل ڪرڻ يا دير جو شڪار ڪيس ۾ چرپر ڪرڻ وارو حق ختم نه ٿو ڪري سگهجي، عدالت جي عبوري حڪم نامي ذريعي ٽرائل ڪورٽ ۾ شفاف ٽرائل جي حق جو تحفظ نه هوندو.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته عدالت اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ اوري درخواست ۾ ڪيترن ئي رخ کي نظرانداز ڪيو ويو، نقيب الله محسود قتل ڪيس ۾ منهنجو عمل دخل هن وقت تائين ثابت نه ٿيو آهي، منهنجي پرڏيهه وڃڻ تي پابندي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي.

درخواست ۾ چيو ته آئون هڪ پيءُ آهيان، ذميواريون نڀائڻ فرض آهي، عدالت ان حق کي به نظرانداز ڪيو. منهنجي حياتي کي خطرو آهي، پاڪستان ۾ آزادي سان سفر نه ٿو ڪري سگهجي.

درخواست ۾ موقف اختيارڪيو ويو ته نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي. عدالت 10 جنوري تي حڪم نامي ۾ منهنجو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*