ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس ۾ راولپنڊي جي ڪسٽم عدالت جي جج ماڊل ايان علي جي اثاثن جا تفصيل طلب ڪري ورتا

ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس ۾ ضمانت تي آزاد ماڊل ايان علي اڄ به راولپنڊي جي ڪسٽم عدالت ۾ پيش نه ٿي، راولپنڊي جي ڪسٽم عدالت جي جج ايان علي جي اثاثن جا تفصيل طلب ڪري ورتا، ڪسٽم عدالت گذريل ٻڌڻي دوران ماڊل ايان علي کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو.

راولپنڊي جي ڪسٽم عدالت ۾ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس جي ٻڌڻي جج ارشد ڀٽو ڪئي.

ٻڌڻي دوران ماڊل ايان علي عدالت ۾ پيش نه ٿي، سندس ضامن محمد نواز عدالت ۾ پيش ٿيو.

جوابدارڻ جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ايان علي بيمار آهي، جنهن سبب پيش نه ٿي سگهي آهي.

جج ريمارڪس ڏيندي چيو ته جوابدار عمان ۽ ٻين ملڪن ڏانهن وڃي سگهي ٿي ته پر عدالت ۾ پيش ڇو نه پئي ٿئي؟

عدالت ماڊل ايان علي جي اثاثن جا تفصيل طلب ڪندي ايان علي جي ٻئي ضامن کي  ٻيهر طلبي جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

عدالت ٻڌڻي 9 مارچ تائين ملتوي ڪندي ايان علي کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*