ڪراچي پوليس علي رضا عابدي جي قتل ڪيس ۾ ملوث 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو

ڪراچي پوليس ايم ڪيو ايم اڳواڻ علي رضا عابدي جي قتل ڪيس ۾ ملوث 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ذريعن موجب علي رضا عابدي جو قتل فرقيواراڻو نه، پر سياسي معاملو هو، هڪ سياسي ڌر  ئي علي رضا عابدي کي قتل ڪرايو آهي.

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته لياري گنيگ جي 11 رڪني ٽيم کي علي رضا عابدي جي قتل جو ٽارگيٽ ڏنو ويو هو.

ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته گرفتار ٿيل جوابدارن کان پوليس جي جاچ دوران ٻي به اهم ڄاڻ ملي آهي، جنهن کي نظر ۾ رکندي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*