پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج تي حملي جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو

پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج تي حملي جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ويو آهي ته پلواما ۾ آپگهاتي حملي تي کين گهڻي ڳڻتي آهي، بنا ڪنهن جاچ جي پاڪستان سان واسطو جوڙڻ جي ڀارتي ڪوششن جي مذمت ڪريون ٿا.

پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج تي حملي جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب، پلواما ۾ آپگهاتي حملي تي کين گهڻي ڳڻتي آهي.

هن چيو ته اسان دنيا جي ڪنهن به حصي تي پرتشدد ڪارروائي جي هميشه مذمت ڪئي آهي.

ترجمان موجب، بنا ڪنهن جاچ پاڪستان سان واسطو جوڙڻ جي ڀارتي ڪوششن جي مذمت ڪريون ٿا.

واضح رهي ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي قافلي تي آپگهاتي حملي ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 41 ٿي ويو آهي، زخمين مان به ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

ڀارتي ڳجهن ادارن والاريل ڪشمير جي ضلعي پلواما ۾ ٿيل حملي کي سڪيورٽي ليپس قرار ڏيندي پنهنجي ناڪامي جو اعتراف ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*