ٽنڊو آدم  ۾ اٺن ورهين جي ٻارڙي کي پوليو جو شڪ ظاهر ٿيو آهي

ٽنڊو آدم  ۾ اٺن ورهين جي ٻارڙي کي پوليو جو شڪ ظاهر ٿيو آهي، وارثن جو چوڻ آهي ته هفتو اڳ بخار اچڻ کانپوءِ ٻارڙي جي ٻنهي ڄنگهن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو، ٽنڊو محمد خان ۾ به ڇهن ورهين جي ٻارڙي جون ٻنهي ڄنگهن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو، جزا وٺي چڪاس لاءِ اسلام آباد اماڻيا ويا.

ٽنڊوآدم جي خير محمد مري ڳوٺ جي  رھواسي پورهيت ملڪ صادق جي 8 سالن جي پٽ محمد سعيد کي پوليو جو شڪ ظاھر ٿيڻ بعد تعلقي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آھي.

نينگر جي والد صادق ملڪ ٻڌايو ته ھفتو اڳ ۾ نينگر کي بخار آيو ۽ ٻنھين ٽنگن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو جنهن ڪري کيس اسپتال آندو ويو آهي.

 ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته ٻارڙي جي جزا وٺي چڪاس جي لاءِ اسلام آباد اماڻيا ويا آهن، رپورٽ اچڻ کان پوءِ پوليس بابت هجڻ يا نه هجڻ بابت تصديق ٿيندي.

ٽنڊو محمد خان جي ڊرگهه موري ڀرسان 6 ورهين جي محمد ارسلان سولنگي کي پوليو جو شڪ ظاهر ٿيڻ کانپوءِ  سول اسپتال آندو ويو.

ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته ٻئي ڄنگهون ڪم ڇڏي ويون آهن ، جزا وٺي اسلام آباد آماڻيا ويا آهن، رپورٽ اچڻ کانپوءِ پوليو جي تصديق ٿي سگهندي. …………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*