پيرڳوٺ ۾ 6 مهينا اڳ عورت جي اغوا بعد قتل واري واقعي جي جوابدار پاران مبينا ڌمڪين خلاف وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو

پيرڳوٺ ۾ 6 مهينا اڳ عورت جي اغوا بعد قتل واري واقعي جي جوابدار پاران مبينا ڌمڪين خلاف وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڳوٺ قادن ميتلو واسين وزير خان ميتلو، عبدالحميد ميتلو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي ڳوٺاڻن چيو ته 6 مهينا اڳ جوابدارن عورت وزيران ميتلو کي اغوا بعد لڄالٽ جو نشانو بڻائي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس هڪ جوابدار گرفتار ڪيو هو.

هن چيو ته ڪيس ۾گرفتار ڪيل جوبدار عابد ميتلو آزاد ٿيڻ بعد ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، جنهنڪري هو سخت پريشان آهن.

 هنن ايس ايس پي خيرپور کان گھر ڪئي ته ڄاڻايل جوابدار خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*