جماعت اسلامي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري لياقت بلوچ چيو آهي ته احتساب کي تماشو بڻايو ويو آهي

جماعت اسلامي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري لياقت بلوچ چيو آهي ته احتساب کي تماشو بڻايو ويو آهي، ڪرپٽ مافيا ذاتي احتساب جو منظر پيش ڪري رهي آهي، قرضن جي وياج سبب صنعتون ۽ عوام تباهه ٿي رهيو آهي.

ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي لياقت بلوچ چيو ته احتساب کي تماشو بڻايو ويو آهي، ڪرپٽ مافيا ذاتي احتساب جو منظر پيش ڪري رهي آهي.

هن چيو ته، هر وزير جي پنهنجي پنهنجي زبان آهي، سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته جيڪو قرض ورتو ويندو آهي، ان کان پارليامينٽ ۽ عوام بي خبر رکيو ويندو آهي.

لياقت بلوچ چيو ته سعودي عرب هجي يا وري ڪو ٻيو ملڪ، سڀني امداد ۽ قرض ڏنا آهن پر اسان جي حالت تبديل نه ٿي سگهي آهي.

جماعت اسلامي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري چيو ته، قرضن جي وياج سبب صنعتون ۽ عوام تباهه ٿي رهيو آهي. عام واهپي جي شين جا اگهه آسمان تي پهچي ويا آهن.

هن چيو ته، اسان جو واضح موقف آهي ته سڀني جو احتساب ٿيڻ گهرجي.

جماعت اسلامي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري  چيو ته، شهباز شريف جي آزادي جي ذميوار حڪومت آهي، درخواستگذار بڻجڻ ۽ ڪيس کي ڏسڻ ادارن جو ڪم آهي.

لياقت بلوچ چيو ته، اسان سعودي ولي عهد جي پاڪستان آمد جي آجيان ڪريون ٿا، سعودي عرب هميشه پاسڪتان جي غير مشروط مدد ڪئي آهي، پر معشيت خود اعتمادي سان تبديل ٿيندي.

هن چيو ته ڪشميرين ڪڏهن به ڀارت جي قبضي کي تسليم ناهي ڪيو، ڪشميرين هميشه پرامن جدوجهد ڪئي آهي پر هندستان مٿن طلم ڪندو رهيو آهي.

لياقت بلوچ چيو ته، ڀارت پنهنجي سوچ کي تبديل ڪري….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*