سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪاري زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ واري ڪيس ۾ نامزد جوابدار ۽ ڪراچي جي اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر لالا فضل الرحمان جي طبي رپورٽ رد ڪري ڇڏي

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪاري زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ واري ڪيس ۾ نامزد جوابدار ۽ ڪراچي جي اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر لالا فضل الرحمان جي طبي رپورٽ رد ڪري ڇڏي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ ۽ اربين رپين جي ڪرپشن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران لالا فضل الرحمان ويل چيئر تي عدالت ۾ پيش ٿيو.

ٻڌڻي دوران جوابدار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سندس موڪل جي ڪرنگهي جي هڏيءَ جو مسئلو آهي، ضمانت به ميڊيڪل گرائونڊ تي ٿيل آهي، ان ڪري ڪيس ۾ وڌيڪ رليف مهيا ڪيو وڃي.

ٻڌڻي دوران عدالت ميڊيڪل رپورٽ کي رد ڪندي ريمارڪس ڏنا ته ڊاڪٽر ڪوڙي رپورٽ ٺاهي آهي، جنهن کي طلب ڪيو ويندو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*