وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي پشاور پهچي ويو آهي

وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي پشاور پهچي ويو آهي، وزيراعظم عمران خان سان وڏي وزير محمود خان ۽ گورنر شاهه فرمان ملاقات ڪئي، جنهن دوران مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي پشاور پهچي ويو آهي.

وزيراعظم عمران خان گورنر هائوس پشاور پهتو ته گورنر شاهه فرمان ۽ وڏي وزير محمود خان وزيراعظم جو استقبال ڪيو.

وزيراعظم سان صحت وارو وفاقي وزير عامر محمود ڪياني، محمد شهزاد ارباب، معاون خاص نعيم الحق ۽ افتخار دراني گڏ آهن.

وزيراعظم عمران خان سان وڏي وزير محمود خان ۽ گورنر شاهه فرمان ملاقات ڪئي، جنهن دوران مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

وزيراعظم عمران خان صوبائي ڪابينا جي ميمبرن سان به ملاقات ڪندو، جنهن دوران موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.

وزيراعظم سيڪيورٽي بابت اهم اجلاس جي صدارت به ڪندو، اجلاس ۾ گورنر، وڏو وزير ۽ ڪور ڪمانڊر پشاور سميت اعليٰ عملدار شرڪت ڪندا.

وزيراعظم عمران خان قبائلي ضلعن لاءِ هيلٿ ڪارڊ ورهائڻ واري تقريب ۾ به شرڪت ڪندو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*