قمبر ۾ 2 مهينا اڳ قتل ڪيل  نوجوان جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو

قمبر ۾ 2 مهينا اڳ قتل ڪيل  نوجوان جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

حسين آباد پاڙي واسي مقتول وحيد چانڊيو جي امڙ شبيران قران پاڪ کڻي  پوٽي غلام مصطفيٰ ۽ ٻين سان گڏجي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.

 ان موقعي تي مقتول نوجوان جي  پيرسن امڙ شبيران خاتون چيو ته 2 مهينا اڳ موبائل چوري جي شڪ ۾ بااثر بشير چانڊيو سندس پٽ کي گاڏي ۾ کڻي ويو.

 هن چيو ته پٽ کي کڻي وڃي وحشياڻوتشدد ڪري قتل ڪرڻ بعد لاش قمبر باءِ پاس ڀرسان زرعي زمين ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو.

هن وڌيڪ چيو ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرايو، پر جوابدار  بااثر هئڻ ڪري سٽي ٿاڻي جي پوليس هن وقت تائين قاتلن کي گرفتار نه ڪيو آھي.

هن سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو آهي ته  قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*