علامه اقبال ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپل ڊاڪٽر عارف تجمل چيو آهي ته نوازشريف جي علاج لاءِ بورڊ جوڙيو ويو آهي

علامه اقبال ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپل ڊاڪٽر عارف تجمل چيو آهي ته نوازشريف جي علاج لاءِ بورڊ جوڙيو ويو آهي، جنهن ۾ پروفيسر زبير اڪرم، پروفيسر عباس رضا، پروفيسر شفيق چيما ۽ ٻيا ڊاڪٽر شامل آهن. نوازشريف جي سيڪيورٽي لاءِ جيڪا جاءِ بهتر هوندي اتي ئي کيس رکيو ويندو.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر عارف تجمل چيو ته جناح اسپتال ۾ هر ٽيسٽ جي سهولت موجود آهي، نوازشريف جي آمد سبب سخت انتظاميا ڪيا ويا هئا ته جئين ٻين مريضن کي نقصان نه ٿئي.

هن چيو ته، نوازشريف سان گڏ سيڪيورٽي آهي، جنهن سبب اهي قدم کنيا ويا، نوازشريف جي پراڻين رپورٽس جو به جائزو ورتو ويندو.

علامه اقبال ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپل ڊاڪٽر  چيو ته، اسپتال جو بورڊ سندس علاج لاءِ دستياب هوندو، نوازشريف هڪ هنڌ سيٽل ٿي وڃي ته بورڊ پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيندو.

هن چيو ته، نوازشريف کي اهڙي جاءِ ڏيڻي آهي، جتي هو آرام محسوس ڪري، جڏهن ته گائني يونٽ ۾ رکڻ جو فيصلو انتظامي صورتحال کي ڏسندي ڪيو ويندو.

عارف تجمل چيو ته، ايل اي ڊي نوازشريف کي ڏني وئي آهي ته جيئن ٻيا مريض متاثر نه ٿين، جيڪڏهن نوازشريف کي وارڊ ۾ رکيو وڃي ها ته عام مريضن کي ڏکيائون پيش اچي سگهن پيون.

علامه اقبال ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپل ڊاڪٽر  چيو ته، ايم ايس جي ڪمري جي ايل اي ڊي لاهي وئي آهي ته ان جو جواب هو پاڻ ئي ڏئي سگهي ٿو.

ڊاڪٽر عارف تجمل چيو ته، جناح اسپتال ۾ سموريون سهولتون موجود آهن.

علامه اقبال ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپل ڊاڪٽر عارف تجمل چيو ته نوازشريف جي علاج لاءِ بورڊ جوڙيو ويو آهي، جنهن ۾ پروفيسر زبير اڪرم، پروفيسر عباس رضا، پروفيسر شفيق چيما ۽ ٻيا ڊاڪٽر شامل آهن.

علامه اقبال ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپل ڊاڪٽر  چيو ته نوازشريف جي سيڪيورٽي لاءِ جيڪا جاءِ بهتر هوندي اتي ئي کيس رکيو ويندو.

ڊاڪٽر عارف تجمل چيو ته، سرجري جي هيڊ آف ڊپارٽمنٽ کي به بورڊ ۾ رکيو ويو آهي، بورڊ نوازشريف جي علاج لاءِ بهتر قدم کڻندي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*