پلواما حملي بابت الزام ڪوڙا آهن، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي

پاڪستان ڀارتي الزامن بابت 5 عالمي طاقتن کي آگاهه ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ميونخ ۾ عالمي سيڪيورٽي ڪانفرنس کي خطاب ۽ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلم جو ردعمل ڀارت ۾ اچي سگهي ٿو، پلواما حملي کانپوءِ بنا  جاچ جي پاڪستان تي الزام مڙهيو ويو.

پرڏيهي وزير چيو ته منهنجي ڇهين حس چئي ٿي ته ڀارت ۾ اليڪشن کان اڳ ڪو وڏو واقعو پيش ايندو، جيڪو سياسي مقصدن لاءِ استعمال ٿيندو.

پرڏيهي سيڪريٽري تهمينه جنجوعه 5 اهم ملڪن کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ڀارت جي الزامن جي توڙ لاءِ پاڪستان کي عالمي دنيا ۾ سرگرم بڻائي ڇڏيو آهي، پلواما حملي بابت الزام ڪوڙا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*