سعودي شهزادي محمد بن سلمان جَي پاڪستان واري دوري جون تاريخون تبديل ڪيون ويون

سعودي شهزادي محمد بن سلمان جَي پاڪستان واري دوري جون تاريخون تبديل ڪيون ويون آهن. نئين شيڊيول موجب سعودي شهزادو سڀاڻي پاڪستان پهچندو.

پرڏيهي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته شهزادو محمد بن سلمان 17 ۽ 18 فيبروري تي پاڪستان جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪندو، پاڪستاني حڪومتي عملدارن سان سندس ملاقاتن واري شيڊيول ۾ ڪابه تبديلي ناهي ڪئي وئي.

پرڏيهي ترجمان وڌيڪ ٻڌايو آهي ته وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا سميت سعودي شهزادي محمد بن سلمان جي آجيان ڪندو، سندس مان ۾ آجياڻو به ڏنو ويندو.

جاري ڪيل شيڊيول ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سعودي شهزادو پنهنجي پاڪستان جي ٻن ڏينهن واري دوري دوران صدر عارف علوي، وزيراعظم، آرمي چيف توڙي ٻين عملدارن سان ملاقاتون ڪندو، جنهن دوران مختلف معاهدن تي صحيحون به ڪيون وينديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*