لاهور جي احتساب عدالت خواجا ڀائرن جي جڊيشل رمانڊ ۾ 16 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي

 

لاهور جي احتساب عدالت پيراگون هائوسنگ سوسائٽي ڪيس ۾خواجا ڀائرن جي حتمي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي جڊيشل رمانڊ ۾16ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي.

پيراگون هائوسنگ اسڪينڊل ڪيس ۾خواجا سعد رفيق ۽ خواجا سلمان کي سخت سڪيورٽي ۾جج سيد نجم حسن جي عدالت ۾پيش ڪيو ويو.

ٻڌڻي وقت عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪندي چيو ته ٻنهي ڀائرن خلاف ريفرنس جو ڇا ٿيو ؟ ريفرنس کي توڙ تائين ڇو نٿو پهچايو وڃي.

ڪيس جي ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر عدالت کي جواب ڏنو ته 90 ڏينهن پورا ٿيڻ کانپوءِ پيراگون ريفرنس عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

احتساب عدالت جوابدارن جي رمانڊ ۾ 16 ڏينهن جي واڌ ڪندي ٻڌڻي 4 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پيراگون هائوسنگ ڪيس ۾ نامزد جوابدار  ۽ اڳوڻي وفاقي وزير خواجا سعد رفيق عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مونکي 60 سال پراڻي بڪتربند گاڏي ۾عدالت پهچايو ويو آهي، جنهن ۾سفر دوران جهٽڪا لڳڻ سبب ڄنگهه جي سور ۾ واڌ ٿي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*