پي ٽي آءِ  حڪومت کي منصوبي تحت آندو ويو ، سيد خورشيد شاهه

پيپلز پارٽي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته شهباز شريف کي خبر هئي ته کيس آزادي ملڻ واري آهي، هاڻي نواز شريف به جلد آزاد ٿي ويندو، پي ٽي آءِ  حڪومت کي منصوبي تحت آندو ويو آهي، ق ليگ سميت ٻيا پي ٽي آءِ جا اتحادي مايوس آهن، پر  اِن هائوس تبديلي جي ڳالهه ان ڪري نٿا ڪريون جو ايم ڪيو ايم ۽ ق ليگ جي رقم وڌي ويندي، ڪنڌ ڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه چيو ته ڀارت ۾ جڏھن به ڪو واقعو ٿئي ٿو ته ان جو الزام پاڪستان تي ئي مڙهيندو آھي، پاڪستان خلاف ڀارتي الزام بازي ڪا نئين ڳالهه ناهي.

 هن وڌيڪ چيو ته سعودي ولي عهد مهمان آهي، پاڪستان اچڻ تي کيس ڀليڪار چئون ٿا.

سيد خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ حڪومت کي منصوبي تحت آندو ويو آهي، ق ليگ سميت ٻيا حڪومتي اتحادي به مايوس ٿي وياآهن.

هن چيو ته اِن هائوس تبديلي جي ڳالهه ان ڪري نٿا ڪريون جو ايم ڪيو ايم ۽ ق ليگ جي رقم وڌي ويندي، هنيئر هڪ هڪ وزارت مليل آهي، پوءِ ٻه ٻه وزارتون وٺندا.

خورشيد شاهه چيو ته شهباز شريف کي خبر هئي ته کيس آزادي ملڻ واري آهي، هاڻي نواز شريف به جلد آزاد ٿي ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*