سعودي ۽ پاڪستان وچ ۾ تاريخي لاڳاپا قائم ٿي ويا آهن، فواد چوڌري

اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان  جي سعودي عرب جَي دورن سان لاڳاپن کي هٿي ملي آهي، سعودي ۽ پاڪستان وچ ۾ تاريخي لاڳاپا قائم ٿي ويا آهن، ٻنهي ملڪن

وچ ۾مختلف شعبن ۾معاهدا ڪيا ويندا. سعودي عرب جَي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي فواد چوڌري جو چوڻ هو ته سعودي سان اقتصادي رابطي ۽ اخوت جي رشتي ۾ٻڌل آهيون، اسان چاهيون ٿا ته عرب

يورپ بدران سير ۽ تفريح لاءِ پاڪستان اچن.

وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته شاهه فيصل مسجد سعودي ۽پاڪستان وچ ۾ مضبوط رشتي جي اهڃاڻ آهي، اسلامي رواداري کي هٿي ڏيڻ لاءِ سهڪار وارو دڳ اختيار ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*