خيرپور ناٿن شاهه ڀرسان هٿيار بندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل عورت زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي

خيرپور ناٿن شاهه ڀرسان گذريل ڏينهن هٿيار بندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل عورت زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي، جنهن کانپوءِ مارجي ويل عورتن جو انگ 2 ٿي ويو، وارثن عورت جو لاش انڊس هاءِ وي تي رکي ڌرڻو هنيو، جنهن کانپوءِ پوليس جي خاطري تي احتجاج ختم ڪيو ويو.

ڳوٺ مغڙي جو دڙو ۾گذريل ڏينهن فائرنگ ۾ زخمي ٿيل عورت لطيفان لغاري زخمن جا سور نه سهندي نوابشاھ اسپتال ۾ فوت ٿي وئي.

وارثن عورت جو لاش انڊس هاءِ وي تي رکي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، جنهن کانپوءِ پوليس مظاهرين سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو.

وارثن جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن مال جي ڀيل تان بااثر جوابدارن گهر تي حملو ڪري ناري ريشمان کي قتل ڪيو هو ۽ سندس امڙ لطيفان زخمي ٿي پئي هئي، جيڪا اڄ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي.

هنن چيو ته بااثر جوابدارن وڏو ظلم ڪيو آهي، پوليس هيل تائين قاتلن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*