ڊاڪٽرن جو انساني حياتيون ڳڙڪائيندڙ احتجاج چوٿين ڏينهن به جاري،هڙتال سبب فوت ٿيلن جو انگ 8 ٿي ويو

سنڌ ۾ مسيحائن جو انساني حياتيون ڳڙڪائيندڙ  احتجاج چوٿين ڏينهن به جاري آهي، اين آءِ سي ايڇ ڪراچي ۾ آندل 2ٻارڙا فوت ٿيڻ کانپوءِ ڊاڪٽرن جي هڙتال سبب فوت ٿيل مريضن جو انگ 8 ٿي ويو آهي، روزانو انساني حياتيون ضايع ٿيڻ باوجود ڊاڪٽرن توڙي سنڌ سرڪار جي ڪن تي جونءِ به نه چري سگهي آهي.

 پگهارن ۾ واڌ خلاف ڊاڪٽرن جو احتجاج چوٿين ڏينهن به جاري آهي، جنهن سبب هن مهل تائين 9 انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن.

اڄ اين آءِ سي ايڇ ۾ آندل 2 ٻارڙا فوت ٿيڻ کانپوءِ سنڌ جي مختلف اسپتالن ۾ فوت ٿيل مريضن جو انگ 9 ٿي ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*