حڪومت پنهجي نااهلي لڪائڻ لاءِ سياسي انتقام تي لهي آئي آهي، مريم اورنگزيب

پاڪستان مسلم ليگ (ن) اڳوڻي وفاقي وزير خواجا سعد رفيق کي بڪتربند گاڏيءَ ۾ لاهور جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪرڻ واري عمل جي مذمت ڪندي ان کي توهين جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته احتساب ڀلي ڪيو وڃي پر ڪنهن کي به توهين ڪرڻ جو ڪو اختيار ناهي، خواجا سعد رفيق ڪو دهشتگردي يا روپوش ناهي، جو کيس بڪتربند ۾عدالت آندو وڃي !

مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته خواجا سعد رفيق ملڪ جي خدمت ڪئي، ريلوي کي خساري مان ڪڍيو، ان سان اهڙي رويي جي مذمت ڪجي ٿي.

مسلم ليگ ن جي ترجمان چيو ته حڪومت پنهجي نااهلي لڪائڻ لاءِ سياسي انتقام تي لهي آئي آهي، اهڙي توهين ڪندڙ رويي کي ڪڏهن به برداشت نه ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*