سعودي ولي عهد محمد بن سلمان اڄ ٻن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهچي رهيو آهي

سعودي ولي عهد محمد بن سلمان اڄ ٻن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهچي رهيو آهي، وزيراعظم ڪابينا سوڌو ايئرپورٽ پهچي سندس استقبال ڪندو،  اطلاعات واري وزارت موجب، محمد بن سلمان کي 21 توپن جي سلامي ڏني ويندي.

سعودي ولي عهد محمد بن سلمان اڄ ٻن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهچي رهيو آهي، ان حوالي سان سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن.

وزيراعظم ڪابينا سوڌو ايئرپورٽ پهچي سعودي ولي عهد جو استقبال ڪندو، جڏهن ته سعودي شهزادي جون صدرعارف علوي، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ۽ آرمي چيف قمر جاويد باجوه سان به ملاقاتون رٿيل آهن.

اسلام آباد کي سعودي ولي عهد جي تصويرن سان سينگاريو ويو آهي، سعودي مهمان جي دوري سبب سڀاڻي اسلام آباد واسين لاءِ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته محمد بن سلمان کي پاڪستان جي اعليٰ ترين سول ايوارڊ سان به نوازيو ويندو.

سعودي ولي عهد جي سيڪيورٽي لاءِ 123 شاهي محافظ اڳ ئي پاڪستان ۾ موجود آهي. وزيراعظم هائوس ۽ 8 خانگي هوٽلز جي سيڪيورٽي به پاڪ فوج حوالي ڪئي وئي آهي.

سعودي ولي عهد جي آمد کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ سعودي عرب جو 19 رڪني وفد پاڪستان پهچي ويو آهي.

سعودي عرب جو وفد خصوصي جهازن ذريعي نور خان ايئربيس پهتو، وفد محمد بن سلمان جا ويجها ساٿي سامل آهن، جڏهن ته نور خان ايئر بيس جي سيڪيورٽي ٽرپل ون برگيڊ سنڀالي ورتي آهي.

اطلاعات واري وزارت موجب، محمد بن سلمان کي 21 توپن جي سلامي ڏني ويندي ۽ پُرجوش انداز ۾ سندس استقبال ڪيو ويندو..

سعودي شهزادي جي آمد کان اڳ شاهي ڊاڪٽرز، شاهي سيڪيورٽي ۽ شاهي اسٽاف تي ٻڌل 235 رڪني ٽيم اڳ ئي پاڪستان پهتل آهن.

سعودي ولي جو جهازپاڪستاني حدن ۾ داخل ٿيندي جي ايف 17 ٿنڊر فضا ۾ سعودي ولي عهد جي جهاز کي پروٽوڪول ڏيندا.

سعودي ولي عهد جي ذاتي استعمال جي شين بابت 80 ڪنٽينرز به پاڪستان پهچي چڪا آهن، جڏهن ڪجهه ذاتي استعمال لاءِ گاڏيون به سعودي عرب کان پاڪستان پهچايو ويون آهن.

وفاقي حڪومت طرفان وفد لاءِ 300 لينڊ ڪروزر گاڏيون به ورتيون ويون آهي.

ذريعن موجب، سعودي ولي عهد محمد بن سلمان کي ايئرپورٽ کان وزيراعظم هائوس تائين پهچائڻ لاءِ ٻه پلان جوڙيا ويا آهن.

وزيراعظم عمران خان سعودي ولي عهد جي گاڏي هلائيندو يا وري ٻئي ڄڻا هيلي ڪاپٽر ذريعي وزيراعظم هائوس روانا ٿيندا، جڏهن ته وزيراعظم هائوس ۾ سعودي ولي عهد جي ورزش لاءِ جم به تيار ڪيو ويو آهي.

سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي آمد کان اڳ  راولپنڊي جو سڪيورٽي ۽ ٽريفڪ پلان جاري ڪيو ويو آهي آهي.

ٽريفڪ پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته 162 آفيسر ۽ اهلڪار اسپيشل ڊيوٽي سرانجام ڏيندا، شهر ۾ هيوي گاڏين جي داخلا تي پابندي هوندي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*