وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي پاڪستان جي دوري سان نئين دور جي شروعات ٿيندي

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي پاڪستان جي دوري سان نئين دور جي شروعات ٿيندي، پاڪستاني عوام معزز مهمانن جي آمد جو شدت سان انتظار ڪري رهيو آهي. اسلامي فوجي اتحاد ميمبر ملڪن ۽ خطي ۾ سياسي استحڪام لاءِ ڪم ڪندو، هن اتحاد سان ڪنهن به ملڪ يا خطي خلاف هئڻ وارو تاثر غير منطقي ۽ غير حقيقي آهي.

سعودي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ آسان ۽ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيو، سيڙپڪاري سان ملڪ جي معشيت ۾ بهتري آيندي، اسان سمورن شعبن ۾ سعودي عرب سان سهڪار کي هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا.

هن چيو ته پاڪستان جو واضح موقف آهي ته ڪنهن کي به سعودي عرب تي حملي ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسي، مقدس شهرن تي حملي جي صورت ۾ پاڪستان تحفظ لاءِ موجود آهي.

وزيراعظم چيو ته پاڪستان سعودي عرب کي پُرامن ۽ خوشحال ڏسڻ  چاهي ٿو، سعودي عرب هر پاڪستاني جي دل جي تمام گهڻو ويجهو آهي، پاڪستان هر مشڪل گهڙي ۾ سعودي عرب سان گڏ بيٺل هو.

هن چيو ته اسان سعودي عرب جو ايترو تحفظ چاهيون ٿا، جيترو پاڪستان جو چاهيندو آهيون، سعودي عرب ۾ ترسيل 20 لک پاڪستاني سعودي عرب کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهندا آهن.

وزيراعظم چيو ته سعودي عرب ۾ ترسيل پاڪستاني ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن.

وزيراعظم چيو ته اسلامي فوجي اتحاد سعودي عرب ۽ اسلامي ملڪن ۾ دهشتگردي کان بچاءُ لاءِ پهريون قدم آهي، اسلامي فوجي اتحاد ميمبر ملڪن ۽ خطي ۾ سياسي استحڪام لاءِ ڪم ڪندو، هن اتحاد سان ڪنهن به ملڪ يا خطي خلاف هئڻ وارو تاثر غير منطقي ۽ غير حقيقي آهي.

هن چيو ته اميد آهي ته هي اتحاد دهشتگردي خلاف گڏيل جنگ لاءِ سمورن مسلم ملڪن جو اتحاد ٺهندو، هر تڪرار جو سياسي ۽ پرامن طريقي سان حل ڪڍي سگهجي ٿو.

وزيراعظم چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان اقتصادي ۽ ثقافتي ڪوريڊور قائم ڪرڻ چاهي ٿو، سعودي عرب جي گوادر ۾ سيڙپڪاري سب کان اهم هوندي.

هن چيو ته سي پيڪ هو رڳو راهداري منصوبو نه آهي گوادر ۾ سعودي آئل ريفائنري گڏيل سهڪار جي شروعات آهي، اهو سلسلو اڳتي وڌندو ۽ ايندڙ مرحلي ۾ اقتصادي زونز تي ڌيان ڏنو ويندو.

وزيراعظم عمران خان چيو ته سعودي عرب سان بيڪنگ، تعليم، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي، واپار، تعمير، ثقافت، سينيما ۽ سياحت جي ميدان ۾ سهڪار واڌائڻ چاهيون ٿا….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*