بلوچستان جي گادي واري شهر ڪوئيٽا سميت مختلف علائقن ۾ گذريل رات کان وقفي وقفي سان برساست جو سلسلو جاري آهي

بلوچستان جي گادي واري شهر ڪوئيٽا سميت مختلف علائقن ۾ گذريل رات کان وقفي وقفي سان برساست جو سلسلو جاري آهي، موسيمات کاتي ملڪ جي اڪثر علائقن برسات ۽ برفباري جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته، ڪوئيٽا ۽ مري ۾ پارو ڪاٽو 2، زيارت ۾ ڪاٽو 6، سبي ۾ گرمي پد 2 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

بلوچستان جي گادي واري شهر ڪوئيٽا ۾ گذريل رات کان وقفي وقفي سان برساست جو سلسلو جاري آهي.

پشين، مسلم، باغ، مستونگ، قلات، ڪولپور، مڇ، قلعا سيف الله ۾ برسات ٿي، جنهن کان پوءِ ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي.

موسميات کاتي موجب، ڪوئيٽا ۾ پارو ڪاٽو 2، زيارت ۾ ڪاٽو 6، سبي ۾ گرمي پد 2، خضدار، نوڪنڊي ۾ 4، تربت ۾ 11، پسني ۽ گوادار ۾ 12، قلات ۾ ڪاٽو 4، زوب ۾ 15 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

موسيمات کاتي موجب، برسات جو سلسلو ايندڙ 24 ڪلاڪن تائين جاري رهندو، قلات، مڪران ۾ برسات ۽ جابلو علائقن ۾ برفباري جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب، سنڌ ۾ اڄ موسم مڪمل طور ٿڌي ۽ خشڪ رهندي، جڏهن ته برسات جو ڪو به امڪان نه آهي، ڪراچي ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 12 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

ٻئي طرف لاهور ۾ اڄ ٿڌيون هوائون گهلي رهيون آهن، جنهن سبب ٿڌ جي شدت ۾ واڌ ٿي وئي آهي.

موسميات کاتي موجب، سومر کان برسات جو سلسلو شروع ٿيندو، جيڪو وقفي وقفي سان جمعي تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته اولهه جون ٿڌيون هوائون گهلڻ جو سلسلو اڄ شام پاڪستان ۾ داخل ٿي ويندو.

موسميات کاتي موجب، سڀ کان وڌيڪ ٿڌ اسڪردو ۾ ڪاٽو 9 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته مري ۾ ڪاٽو ۾ 2 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪئي وئي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*