دادو جي سول اسپتال ۾ 3 معصوم ٻار فوت ٿي ويا آهن

دادو جي سول اسپتال ۾ 3 معصوم ٻار فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته تازي ڄاول 15 کان وڌيڪ ٻارڙن جي حالت ڳڻتي جوڳي بڻجي وئي.

سول اسپتال جي ٻارن واري وارڊ ۾ معصوم ٻار علي جان ۽ محبوب علي نائچ نمونيا وگهي دم ڏنو، جڏهن ته دانش عباسي دل جي تڪليف سبب فوت ٿي ويو.

اسپتال ۾صحت جي سهولتن جي اڻاٺ سبب 15 کان وڌيڪ ٻارن جي حالت نازڪ ٿي وئي آهي.

بيمار ٻارڙن جي وارثن احتجاج ڪندي چيو آهي ته دادو جي سول اسپتال به ٿر وانگر بڻجي وئي آهي، جتي صحت جي ڪابه سهولت ميسر ناهي.

هنن وڌيڪ چيو ته اسپتال ۾ معصوم ٻارن جو علاج ڊاڪٽرن بدران ڊسپينسر ڪندا آهن، ٻارن واري وارڊ ۾ 50 کان وڌيڪ ٻار داخل هئڻ باوجود هڪ به ڊاڪٽر موجود ناهي هوندو.

فوتي ٻارڙن جي وارثن اعليٰ اختيارين کان معاملي جو نوٽيس وٺي اسپتال ۾صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*