سانگهڙ ۾ اڍائي ورهين جو نينگر فوت ٿي ويو آهي

سانگهڙ ۾ اڍائي ورهين جو نينگر فوت ٿي ويو آهي، سندس وارثن صحت کاتي جي عملدارن تي الزام لڳايو آهي ته ويڪسين ڪرڻ کانپوءِ نينگر فوت ٿيو آهي.

ڳوٺ محمد حسن مڱواڻو ۾ پورهيت محمد نواز شيخ جو معصوم پٽ گل شير شيخ فوت ٿي ويو.

فوتي نينگر جي وارثن ميڊيا کي ٻڌايو ته سندن ٻار بلڪل ٺيڪ هو، صحت کاتي جي ٽيم جي طرفان ويڪسين ڪرڻ کانپوءِ هن جي حالت خراب ٿي وئي، جنهن جي ڪري هن دم ڏئي ڇڏيو.

نينگر جي وارثن مطالبو ڪيو ته معاملي جي جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*