سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ وزيراعظم عمران خان وچ ۾ اڄ يادداشت نامن تي ڳالهيون ڪيون وينديون

سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ وزيراعظم عمران خان وچ ۾ اڄ يادداشت نامن ۽ سعودي سيڙپڪاري تي ڳالهيون ڪيون وينديون، سندس آرمي چيف، سينيٽ چيئرمين ۽ ٻين سان ملاقات به ٿيندي.

گذريل ڏينهن پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي ياترا تي اسلام آباد پهتل سعودي ولي عهد محمد بن سلمان  جي پرجوش ۽ تاريخي آجيان ڪي ويو هو.

وزيراعظم عمران خان ڪابينا سوڌو نور خان ايئربيس تي مهمان ولي عهد جي آجيان ڪئي هئي.

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا به استقبال لاءِ موجود رهيو، عمران خان پاڻ گاڏي ڊرائيو ڪري سعودي شهزادي کي کڻي وزيراعظم هائوس پهتل هو.

سعودي ولي عهد جو جهاز پاڪستان جي فضائي حدن ۾ داخل ٿيو ته پاڪستان جي ايف سڪسٽين ۽ جي ايف سيونٽين ٿنڊر جهازن آجيان ڪندي ان کي حفاظتي حصار ۾ ورتو هو.

وزيراعظم هائوس ۾ سعودي مهمان کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو هو.

اڄ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ وزيراعظم عمران خان وچ يادداشت نامن ۽ سعودي سيڙپڪاري تي ڳالهيون ڪيون وينديون.

پاڪستان ۽ سعودي عرب جا وزير معاهدن تي اڳڀرائي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪندا، جڏهن ته سعودي ولي عهد جي سربراهي ۾ وفد قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان ملاقات ڪندو.

سعودي شهزادو ايوان صدر ۾ تقريب ۾ به شرڪت ڪندو، تقريب ۾ کيس نشان امتياز جي ايوارڊ سان نوازيو ويندو.

سعودي ولي عهد جي اعزاز ۾ مانجهاندو به ڏنو ويندو، سعودي ولي عهد سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي سان به ملاقات ڪندو.

سعودي ولي عهد محمد بن سلمان، آرمي چيف قمر جاويد باجوه سان به ملاقات ڪندو.

ٻئي طرف اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن، موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي آهي، جڏهن ته ريڊ زون ۾ شهرين جي داخلا تي به پابندي لڳائي  وئي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*