لاهور جي احتساب عدالت آشيانا هائوسنگ اسڪينڊ ۾ شهباز شريف سميت ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو

لاهور جي احتساب عدالت آشيانا هائوسنگ اسڪينڊ ۾ شهباز شريف سميت ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن کي طلب ڪري ورتو، شهباز شريف چيو آهي ته خدا جي قسم منهنجي خلاف جيڪي به ڪيس ٺاهيا ويا آهن، اهي ڪوڙا آهن، حقيقتون جلد قوم سامهون اچي وينديون.

لاهور جي احتساب عدالت جي جج سيد نجم الحسن آشيانا هائوسنگ اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ان موقعي تي شهباز شريف، احد چيما، فواد حسين فواد سميت ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا.

ٻڌڻي دوران شهباز شريف جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته نيب پي ايل ڊي سي جي اڳوڻي سي اي او طرفان ڏنل رڪارڊ کي ريفرنس جو حصو نه بڻايو جنهن تي عدالت پڇا ڪئي ته ان جو فيصلو ڪير ڪندو ته رڪارڊ کي ريفرنس جو حصو نه بڻايو ويو آهي؟.

جنهن تي شهباز شريف جي وڪيل چيو ته ضمني ريفرنس ۾ شهباز شريف کي جوابدار نامزد ڪيو ويو، اسان کي فراهم ڪيل ريفرنس جي 18 واليم ۾ رڪارڊ موجود ناهي، جڏهن ته اسرار سعيد، عارف مجيد بٽ، اڪبر ۽ ڪاشف جي بيانن کي به ريفرنس ۾ شامل نه ڪيو ويو، سندن بيانن جا نقل نه ملڻ انصاف ناهي.

نيب پراسيڪيوٽر چيو ته ضمني ريفرنس جون ڪاپيون فراهم ڪيون وڃن، اسان کي ڪو به اعتراض ناهي، ڪاپيون فرد جرم لاڳو ڪرڻ ۾ ته رنڊڪ نه آهن.

شهباز شريف جي وڪيل فرد جرم جي مخالفت ڪندي چيو ته قانون تحت ريفرنس جي ڪاپي فراهم ڪرڻ کانسواءِ شفاف ٽرائل ممڪن ناهي، ريفرنس جون ڪاپيون ڏيڻ کانپوءِ ئي فرد جرم لاڳو ڪري سگهجي ٿو.

ان موقعي تي شهباز شريف جي وڪيل ۽ نيب پراسيڪيوٽر وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، جنهن تي جج مداخلت ڪندي شهباز شريف جي وڪيل کي وڏي آواز ۾ ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو.

عدالت چيو ته اهو رويو اختيار نه ڪيو، ايئن نه هلندو.

دليل ٻڌڻ بعد احتساب عدالت شهباز شريف سميت 10 جوابدارن تي آشيانه هائوسنگ اقبال اسڪينڊل ۾ فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.

عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن کي طلب ڪري ورتو، شهباز شريف سميت سمورن جوابدارن پاران ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪندي فرد جرم تي صحيحون ڪيون ويون.

شهباز شريف چيو ته خدا جي قسم منهنجي خلاف جيڪي به ڪيس ٺاهيا ويا آهن، اهي ڪوڙا آهن، حقيقتون جلد قوم سامهون آڻيون وينديون.

عدالت شهباز شريف کي قسم کڻڻ کان روڪي ڇڏيو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*