والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ وڌيڪ هڪ ڪشميري شهيد ٿي ويو

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ وڌيڪ هڪ ڪشميري شهيد ٿي ويو، جنهن بعد شهيدن جو انگ وڌي 3 ٿي ويو، اسد عمر چيو آهي ته ڀارت ٻڌي وٺي ته ڪشميري عوام تي ظلم ڪري سندن آواز دٻائي نه ٿو سگهجي، پاڪستان تي الزام لڳائڻ سان حقيقت تبديل نه ٿي ويندي.

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي ظلم جو سلسلو رڪجي نه سگهيو آهي.

ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ وڌيڪ هڪ ڪشميري شهيد ٿي ويو آهي، جنهن بعد اڄ ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ شهيد ٿيلن جو انگ وڌي 3 ٿي ويو آهي.

قابض فوج پلواما ضلعي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن ڪيو آهي.

ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته والاريل ڪشمير جي عوام جو آواز ٻڌڻ جي ضرورت آهي.

سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ اسد عمر چيو ته ڀارت ٻڌي وٺي ته ڪشميري عوام تي ظلم ڪري سندن آواز دٻائي نه ٿو سگهجي.

اسد عمر چيو ته، پاڪستان تي الزام لڳائڻ سان حقيقت تبديل نه ٿي ويندي، والاريل ڪشمير جو عوام ڀارتي ظلم سان آزادي لاءِ وڌيڪ پرعزم ٿي ويندو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*