سپريم ڪورٽ ميئر لاهور جي اختيارن بابت ڪيس ۾ ڊي جي اينٽي ڪرپشن حسين اصغرکي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو

سپريم ڪورٽ ميئر لاهور جي اختيارن بابت ڪيس ۾ ڊي جي اينٽي ڪرپشن حسين اصغرکي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو، جسٽس عظمت سعيد ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته هن ڪيس ۾ اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪرڻ لازمي آهي، کيس نوٽيس جاري ڪرڻ بعد ڪيس کي وڌيڪ ٻڌنداسين، ڊي جي ايل ڊي اي عدالت کي ٻڌايو ته اينٽي ڪرپشن کاتو حراسان ڪري رهيو آهي، آفيسرن کي آفيس گهرائي هدايت ڏني ويندي آهي، هدايت تي عمل نه ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو.

سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس عظمت سعيد جي سربراهي ۾ 3 رڪني ميئر لاهور جي اختيارن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران جسٽس عظمت سعيد ريمارڪس ڏيندي چيو ته هن ڪيس ۾ اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪرڻ لازمي آهي، کيس نوٽيس جاري ڪرڻ بعد ڪيس کي وڌيڪ ٻڌنداسين

ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب چيو ته بلدياتي ادارن جي اختيارن جي حوالي سان پنجاب سفارشون تيار ڪري ورتيون آهن.

جسس عظمت سعيد چيو ته جيڪڏهن پنجاب حڪومت کي قانون سازي ڪرڻي آهي ته کيس ڪنهن روڪيو آهي، جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل پنجاب چيو ته ممڪن آهي ته عدالت کي ٻين صوبن کي به نوٽيس جاري ڪرڻا پون.

جسٽس عظمت سعيد چيو ته اسان وٽ هاڻ رڳو پنجاب جو ڪيس آهي، انهيءَ کي ٻڌنداسين، سمورن صوبن جي ميئرز جا اختيار هڪ جهڙا نه آهن.

ڊي جي ايل ڊي اي چيو ته اينٽي ڪرپشن کاتو اسان کي حراسان ڪري رهيو اهي، اسان جي آفيسرن کي آفيس گهرائي زبردستي پنهنجي هدايتن تي عمل ڪرائڻ لاءِ چيو ويندو آهي، جيڪي آفيسر انهن جي هدايتن تي عمل  نه ڪندا آهن، انهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو آهي.

ميئر لاهور جي وڪيل چيوته ڪجهه ڏينهن اڳ 28 شادي هالز کي اينٽي ڪرپشن وارن بند ڪري ڇڏيو هو، شادي هال بند ڪرڻ بابت ميئر لاهر کي به نه ٻڌايو ويو، شادي هالز بند ٿيڻ سبب ماڻهن ميئر خلاف جلوس به ڪڍيو.

جسٽس عظمت سعيد چيو ته اينٽي ڪرپشن کاتي جو ته اهو ڪم نه آهي، جسٽس اعجاز الاحسن پڇا ڪئي ته اينٽي ڪرپشن جو شادي هالز سان ڪهڙو واسطو آهي

جسٽس عظمت سعيد چيو ته اينٽي ڪرپشن جي اختيارن بابت هڪ ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، بهتر ٿيندو ته ڊي جي ايل ڊي اي ۽ ميئر لاهور هن ڪيس ۾ ڌر بڻجن.

ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب چيو ته انهي معاملي جي ڪري پنجاب حڪومت کي اينٽي ڪرپشن جي اختيارن جو جائزو وٺڻ گهرجي.

جسٽس اعجاز الحسن چيو ته پنجاب حڪومت ته پاڻ ئي اينٽي ڪرپشن ذريعي ڪيس داخل ڪرائي رهي آهي، چيو پيو وڃي ته ڪيس داخل ڪيا وڃن.

جسٽس عظمت سعيد چيو ته هن معاملي ۾ اينٽي ڪرپشن خلاف نيب ۾ درخواست ڏئي سگهجي ٿي، جنهن تي ڊي جي ايل ڊي ايچ ته اينٽي ڪرپشن وارا ته منهنجي گرفتاري جي به تياري ڪري رهيا آهن.

جسٽس عظمت سعيد چيو ته جيڪڏهن ايئن آهي ته اوهان پنهنجي گرفتاري کان اڳ ضمانت منظور ڪرائي وٺو.

عدالت ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب جي معاملي تي ڊي جي اينٽي ڪرپشن سان ڳالهيون ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

جسٽس عظمت سعيد چيو ته ڊي جي اينٽي ڪرپشن کي گهرائي ٿا وٺون ته مسئلو ڪهڙو آهي.

عدالت اٽارني جنرل ۽ ڊي جي اينٽي ڪرپشن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي هڪ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*