سپريم ڪورٽ قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدار محمد زمان کي شڪ جو فائدو ڏيندي بري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدار محمد زمان کي شڪ جو فائدو ڏيندي بري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ميڊيڪل بورڊ ۽ شاهدن جي بيانن ٽڪراءُ آهي، جنهن سان شڪ پيدا ٿين ٿا، شڪ سبب سزا جو فيصلو برقرار نه ٿا رکي سگهون، پوسٽ مارٽم ۾ مقتول جي موت جو وقت به نه لکيو ويو..

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ راولپنڊي ۾ قتل ٿيل اورنگزيب واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

جوابدار محمد زمان، محمد آزاد ۽ محمد شهزاد تي 2011 ۾ اورنگزيب نالي شخص کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ جو الزام هو، ٽرائل ڪورٽ ٽنهي جوابدارن کي موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي، لاهور هاءِ ڪورٽ ٽنهي جاوبدارن کي موت جي سزا ٻڌائي هئي.

هاءِ ڪورٽ جوابدار محمد زمان ۽ محمد آزاد جي سزا برقرار رکندي محمد شهزاد کي بري ڪر ڇڏيو هو.

محمد آزاد قيد دوران فوت ٿي ويو هو، جڏهن ته محمد زمان سزا خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي هئي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته چئن ڪلاڪن تائين زخمي کي ڪنهن به نه هٽايو، پوسٽ مارٽم ۾ مقتول جي موت جو وقت به نه ٻڌايو ويو، هڪ زمي کي ٽي سينٽي ميٽر جو زم آهي، هي وڏو زخم آهي، اهڙو زخم ته قوما ۾ هئڻ گهرجي.

چيف جسٽس چيو ته زخمي مدعي ڪئين ايترو هوش ۾ هو جو هن ايف آءِ آر داخل ڪرائي.

چيف جسٽس چيو ته ميڊيڪل رپورٽ ۽ شاهدن جي بيان ۾ ٽڪراءُ آهي، جنهن سان شڪ پيدا ٿين ٿا، مضبوط شڪ جي بنيد تي سزا جو فيصلو برقرار نه ٿو رکي سگهجي.

سپريم ڪورٽ تفصيلي ٻڌڻي بعد محمد زمان کي شڪ جو فائدو ڏيندي بري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. …

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*