لاڙڪاڻو ۾ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس اميدوارن احتجاج جاري رکندي علامتي بک هڙتال ڪئي

لاڙڪاڻو ۾ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس اميدوارن احتجاج جاري رکندي علامتي بک هڙتال ڪئي.

اميدوارن محمود علي ملگاڻي، غلام رسول مغيري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 120 هين ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي.

 ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته گذريل چئن مهينن کان مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهن پر ڪنهن به نوٽيس ناهي ورتو.

 هنن چيو ته سال 2009ع ۾ سنڌ محنت ڪري پرائمري اسڪول ٽيچر جي ڀرتين لاءِ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس ڪئي پر کين نظرانداز ڪري من پسند، سفارشي ۽ ٽيسٽ ۾ غير حاضر رهندڙ اميدوارن کي ڀرتي ڪري سندن حقن تي ڌاڙو هنيو ويو آهي.

 هنن سنڌ جي وڏي وزير، تعليم کاتي جي صوبائي وزير ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته تعليم کاتي ۾ پرائمري اسڪول ٽيچر جا آفر آرڊر جاري ڪري انصاف ڪيو وڃي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*