لاڙڪاڻو۾ مهراڻ ٽيچرس پاران مختيار ڪار جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

لاڙڪاڻو۾ مهراڻ ٽيچرس پاران مختيار ڪار جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

استادن حاجي شمس الدين سوهو، عاشق علي ڪلهوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تعلقي مختيارڪار عبدالحميد رند خلاف روينيو آفيس جي احاطي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

 ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته مهراڻ ٽيچرس ڪوآپريٽو سوسائٽي جي پلاٽن لاءِ بلڊر لکت ۽ قبضو ڏيڻ لاءِ تيار آهي، پر تعلقي مختيارڪار پلاٽن جا فرد سرٽيفڪيٽ ڏيڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي.

هنن سنڌ جي وڏي وزير، لاڙڪاڻي جي ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر کي اپيل ڪئي ته پلاٽن جا فرد سرٽيفڪيٽ جاري ڪري استادن ۾ ڇانيل بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*