حيدرآباد ۾ ايڇ ڊي اي ملازمن پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج

حيدرآباد ۾ ايڇ ڊي اي ملازمن پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج طور شهر کي پاڻي جي فراهمي بند ڪري ڇڏي، ملازمن جو چوڻ آهي ته 7 مهينن کان پگهارون نه مليون آهن، بار بار دانهڻ باوجود ڪو ٻُڌڻ وارو  نه آهي، مطالبا تسليم نه ٿيا ته سيوريج نطام به بند ڪيو ويندو.

ايڇ ڊي اي ملازمن پگهارون نه ملڻ خلاف شهرين کي  پاڻي فراهم ڪندڙ 4 فلٽر پلانٽس بند ڪري ڇڏيا آهن، جنهن ڪري شهري پريشان آهن.

پاڻي جي فراهمي بند ڪرڻ بعد ملازمن ڄامشورو فلٽر پلانٽ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو به هنيو.

ملازمن جو چوڻ آهي ته 7 مهينن کان پگهارون بند هجڻ ڪري سندن ٻچا لنگهڻ ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.

ملازمن مطالبو ڪيو ته کين بنا دير پگهارون ڏنيون وڃن، ٻي صورت ۾ شهر جو سيوريج نظام به بند ڪيو ويندو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*