پيرجوڳوٺ ۾ فيض محمد بنڊو پوليس جي زيادتين خلاف ڳوٺاڻن احتجاج ڪيو

پيرجوڳوٺ ۾ فيض محمد بنڊو پوليس جي زيادتين خلاف ڳوٺاڻن احتجاج ڪيو.

ڪچي جي ڳوٺ امام بخش ناريجو جي رهواسي پورهيت سڀاڳو خان ناريجوصحافين آڏو احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي هن چيو ته 3 ڏينهن اڳ فيض محمد ٻنڊو پوليس سندس گھر تي چڙهائي ڪري معصوم ٻارڙن ۽ عورتن تي تشدد ڪرڻ سان گڏ گھر مان روڪ رقم، ۽ ٻيو سامان سندس ڀاءُ علي مراد عرف ٽنڊو ناريجو کي کڻي وئي آهي.

هن چيو ته خدشو آهي ته پوليس پاران ڪوڙو مقابلو ڏيکاري سندس ڀاءُ علي مراد کي هاف يا فل فراءِ ڪيو ويندو………

هن ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور کان گھر ڪئي آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي سندس ڀاءُ کي آزاد ڪرائي انصاف ڪيو وڃي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*