آمريڪا شروع کان ئي طالبان ۽ افغان حڪومت وچ ۾ ڳالهين جو خواهشمند آهي، زلمي خليل زاد

افغانستان بابت آمريڪا جي خاص نمائندي زلمي خليل زاد قيادت امن جي قيام ۾ پاڪستان جي ڪوششن جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته ڳالهين وارو عمل ڊيڊ لاڪ جو شڪار نه آهي، اهڙين خبرن ۾ ڪا به صداقت نه آهي، پاڪستان کي اڃا وڌيڪ عملي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.

افغاني نشرياتي اداري کي انٽرويو ڏيندي زلمي خليل زاد چيو ته افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ ضروري آهي ته افغان حڪومت جي سربراهي يا سرپرستي ۾ مضبوط ۽ متحد ڳالهين واري ٽيم جوڙي وڃي، جيڪا گڏيل ڳالهيون ڪري.

هن چيو ته آمريڪا شروع کان ئي طالبان ۽ افغان حڪومت وچ ۾ ڳالهين جو خواهشمند آهي، افغان صدر اشرف غني به ڪيترائي ڀيرا طالبان کي ڳالهين جي آڇ ڪري چڪو آهي پر طالبان قيادت آڇ جو جواب ڏيڻ پسند نه ڪيو.

هڪ پڇيل سوال جي جواب ۾ زلمي خليل زاد چيو ته دوحا، قطر ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ سندس فوڪس رڳو ٻن نقطن تي هوندو، پهريون افغان طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، ٻيو ٻئي ڌريون سيز فائر تي اتفاق ڪن.

آمريڪا جي خاص نمائندي چيو ته افغان امن عمل ۾ ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ سعودي عرب جو وڏو ڪردار آهي، جيڪو انتهائي اهم آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ زلمي خليل زاد چيو ته طالبان جو چوڻ آهي ته هو امن جا خواهشمند آهن، امن لاءِ اتحاد، اتفاق ۽ گڏيل احترام ضروري آهي.

زلمي خليل زاد چيو ته افغانستان اندر ۽ ٻاهر طالبان ۾ اتفاق راءِ پيدا ٿيڻ ضروري آهي، جيڪڏهن افغان جون سموريون ڌريون گڏجي سياسي معاهدو ڪن ته ڳالهيون ڪامياب ٿي سگهن ٿيون.

آمريڪا ۽ طالبان وچ ظئي ٿيل شيڊول موجب 25 فيبروري 2019 تي دوحا ۽ قطر ۾ ڳالهيون ٿي رهيون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*