غوثپور ۾ شادي ڪاڄ دوران فائرنگ جي نتيجي۾ نوجوان سخت زخمي ٿي پيو

 غوثپور ۾ شادي ڪاڄ دوران فائرنگ جي نتيجي۾ نوجوان سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

مَلڪ پاڙي ۾ شادي ڪاڄ دوران فائرنگ دوران گولي لڳڻ سبب نوجوان عبدالفتاح ملڪ سخت زخمي ٿي پيو.

زخمي نوجوان کي فوري طور مقامي اسپتال پهچايو ويو، جتان ڳڻتي جوڳي حالت ۾سکر منتقل ڪيو ويو.

زخمي نوجوان جي وارثن موجب شادي ڪاڄ دوران خوشي وچان ڪيل فائرنگ دوران واقعو پيش آيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*