والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي جو سلسلو رڪجي نه سگهيو، شهيد ٿيل ڪشميرين جو انگ وڌي 4 ٿي ويو

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي جو سلسلو رڪجي نه سگهيو، پلوامه ۾ ڀارتي فورسز جي فائرنگ ۾ شهيد ٿيل ڪشميرين جو انگ وڌي 4 ٿي ويو، ڪشميري نوجوانن مير واعظ عمر فاروق جي سيڪيورٽي جي ذميواري سنڀالي ورتي.

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي جو سلسلو رڪجي نه سگهيو آهي.

پلواما واقعي کانپوءِ والاريل ڪشمير ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار آهي، ڀارتي سيڪيورٽي جي ڪڙي ۽ انتهاپسندن جي حملن جي خطري سبب ماٿري ۾ خوف ۽ حراس پکٽيل آهي. ڇهه هزار کان وڌيڪ ڪشميرين مسجدن ۾ پناهه وٺي ڇڏي آهي.

پلواما ۾ گذريل ڏينهن کان ڀارتي فوج فوج آهي، ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ شهيد ٿيلن جو انگ وڌي 4 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ضلعي ۾ ڪرفيو وارو ماحول آهي ۽ ماڻهون گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن.

ٻئي طرف ڪشميري نوجوانن حريت اڳواڻ واعظ عمر فاروق جي سيڪيورٽي جي ذميواري سنڀالي ورتي آهي.

ڪي ايم ايس موجب، ڀارتي انتظاميا مير واعظ عمر فاروق سميت ڇهن اڳواڻن جي سيڪيورٽي واپس وٺي ڇڏي هئي، جنهن بعد ڪشميري نوجوانن سندس سيڪيورٽي سنڀالي.

سيڪيورٽِي واپس ورتل اڳواڻن ۾ مير واعظ عمر فاروق، عبدالغني بٽ، بلال لون، هاشم قريشي، فضل الحق قريشي ۽ شبير شاهه آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*