موسميات کاتي ڪراچي ۾ اڄ رات گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

موسميات کاتي ڪراچي ۾اڄ رات گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي طوفاني برسات وارين خبرن جي ترديد ڪئي وئي آهي.

موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر عبدالرشيد سوشل ميڊيا تي خطرناڪ برسات وارين خبرن تي ردعمل ظاهر ڪندي ٻڌايو آهي ته ڪراچي ۾اڄ رات برسات جا امڪان موجود آهن، پر تنهن باوجود ان برسات کي خطرناڪ نٿو چئي سگهجي.

موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر واضح ڪيو ته ڪراچي ۾برسات گذريل مهيني جهڙي نوعيت جي هوندي، ڪنهن به طوفان جو ڪو خطرو ناهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*