پلواما آپگهاتي حملو ڀارتي فوج جي ظلم جو رد عمل آهي، شيرين مزاري

انساني حقن بابت وفاقي وزير شيرين مزاري چيو آهي ته اسرائيل ۽ ڀارت بدترين انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، پلواما آپگهاتي حملو ڀارتي فوج جي ظلم جو رد عمل آهي.

پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ شيرين مزاري چيو ته اسرائيل ۽ ڀارت بدترين انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. ڀارت والاريل ڪشمير جي آبادي ۾ تبديلي ڪري رهيو آهي، پلواما آپگهاتي حملو ڀارتي فوج جي ظلم جو رد عمل آهي.

انساني حقن بابت وفاقي وزير  چيو ته عالمي برادري به ڀارت جِي انساني حقن جي ڀڃڪڙي تي منافقاڻي طور خاموش آهي.

هن چيو ته آپگهاتي حملو ڪشميري نوجوان ڪيو، گولڊن ٽيمپل ۽ بابري مسجد واقعا  به رياستي دهشتگردي جا واقعا آهن.

شيري مزاري چيو ته قانون ۾ ترميم  ڪري ڀارتين کي ڪشمير ۾ ملڪيتون خريد ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.

هن چيو ته انساني حقن بابت عالمي قانون هئڻ باوجود خاموشي اختيار ڪئي پئي وڃي.

انساني حقن بابت وفاقي وزير  چيو ته ڪشمير ۾ قابض فوج عورتن سان اجتماعي زيادتي ڪري رهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*