تنگواڻي ۾ڳوٺاڻن پوليس زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

 تنگواڻي ۾ڳوٺاڻن پوليس زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته جمال ٿاڻي جي پوليس سندن هڪ نوجوان کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي.

ڳوٺاڻن مينڌرو پنهور، عبدالستار، غفار پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي ڳوٺاڻن چيو ته جمال ٿاڻي جي پوليس چار ڏينهن اڳ سندن ٻن نوجوان کي گرفتار ڪيو، هڪڙي کي غير قانوني پسٽل جي ڪوڙي ڪيس ۾ چالان ڪري ڇڏيو.

جڏهن ته گرفتار ڪيل ٻئي نوجوان سعيد احمد پنهور کي گم ڪري  آزادي لاءِ رشوت طلب ڪري رهي آهي.

هنن اختيارين کان مطالبو ڪيوآهي ته جمال ٿاڻي جي پوليس جي زيادتين جو نوٽيس وٺي نوجوان کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*