گمبٽ ۾ بدامنيءَ تي ضابطو نه اچي سگهيو

گمبٽ ۾ بدامنيءَ تي ضابطو نه اچي سگهيو، اڻڄاتل چور وچ شهر ۾ موبائل فون جي دڪان جا شٽر ٽوڙي لکين رپين جي چوري ڪري وياآهن.

اڻڄاتل چورسوڪ سينٽر  وٽ واپاري سرفراز ميمڻ جي موبائل فون واري ھول سيل دڪان جو شٽر ٽوڙي روڪ رقم۽ لکين رپين جا موبائل سيٽ چوري ڪري ويا.

هوڏانهن وڌندڙ بدامنيءَ خلاف سوڪ سينٽر ۽ بس اسٽينڊ جي دڪاندارن ڪاروبار بند ڪري پريس ڪلب اڳيان ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي واپارين چيو ته شهر ۾بدامنيءَ چوٽ چڙهي وئي آهي، ڏوھاري ٽولا رات توڙي ڏينهن وارداتون ڪرڻ ۾ مصروف آهن.

هنن مطالبو ڪيو آهي ته واپارين جي احتجاج جو نوٽيس وٺي امن امان بحال ڪرائي شھرين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*