سنڌ هاءِ ڪورٽ سوئي گئس جي بلن ۾ واڌ کي غيرقانوني قرار ڏيڻ واري درخواست خارج ڪري ڇڏي

سنڌ هاءِ ڪورٽ سوئي گئس جي بلن ۾ واڌ کي غيرقانوني قرار ڏيڻ واري درخواست خارج ڪري ڇڏي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ آڏو شهري خالد محمود جي داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته وفاق 4 آڪٽوبر 2018ع تي سوئي گئس جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو، ايس اين جي پي ايل وفاق جي نوٽيفڪيشن کي بنياد بڻائي عوام کان واڌو بل وصول ڪري رهي آهي.

ڪيس جي ٻڌڻي دوران درخواستگذار چيو ته وفاق جو نوٽيفڪشن آئين جي آرٽيڪل 3 سان ٽڪراءَ آهي، جنهن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس شمس محمود مرزا محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي شهري خالد محمود جي درخواست کي خارج ڪري ڇڏيو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*