وزيراعظم عمران خان ڀارت کي پلواما حملي بابت جاچ ۾ سهڪار جي آڇ ڪري ڇڏي

وزيراعظم عمران خان ڀارت کي پلواما حملي بابت جاچ ۾ سهڪار جي آڇ ڪري ڇڏي، وزيراعظم چيو آهي ته جيڪڏهن ڀارت حملو ڪيو ته اسان سوچينداسين نه پر ڀرپور جواب ڏينداسين، جنگ شروع ڪرڻ ته سولو آهي پر ان کي ختم ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي.

وزيراعظم عمران خان قوم کي خطاب ڪندي چيو ته ڀارت وٽ پلواما حملي بابت پڪا ثبوت آهن ته پيش ڪري، اسان ڪارروائي ڪنداسين، هي نئون پاڪستان آهي،  هن سرزمين تان ڪو به دهشتگردي نه ٿو ڪري سگهي.

وزيراعظم چيو ته، ڪجهه ڏينهن اڳ والاريل ڪشمير جي پلواما ۾ واقعو پيش آيو، ته ڀارت بنا ثبوتن جي الزام پاڪستان تي لڳايا، اسان اُن وقت سعودي ولي عهد جي آمد جي تياري ۾ هئاسين، هاڻ ڀارتي حڪومت کي جواب ڏئي رهيا آهيون.

وزيراعظم عمران خان چيو ته جيڪڏهن ڀارت حملو ڪيو ته اسان سوچينداسين نه پر ان جو ڀرپور جواب ڏينداسين.

وزيراعظم  چيو ته، اسان ڀارت سان دهشتگردي واري معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيون.

عمران خان چيو ته، واضح طور چوان پيو ته هي نئون پاڪستان آهي ۽ هي نئين سوچ آهي،  هن سرزمين تان ڪو به دهشتگردي نه ٿو ڪري سگهي.

وزيراعظم چيو ته، ڀارت وٽ حملي جا نه ڪي ثبوت آهن ۽ نه ئي اهو سوچيو ويو  ته حملي ۾ پاڪستان کي ڪهڙو فائدو ٿيندو.

عمران خان چيو ته اسان دهشتگردي جي 15 سالن جي جنگ جو مقابلو ڪيو آهي، ڪو احمق ئي پنهنجي پريس ڪانفرنس کي تباهه ڪرڻ لاءِ اهڙو واقعو ڪرائي سگهي ٿو.

وزيراعظم چيو ته ٿورو سوچيو وڃي ته آخر پاڪستان کي اهڙن واقعن مان ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ ڀارت کان پڇڻ چاهيان ٿو ته ماضي ۾ ئي ڦاٿل رهڻو آهي، يا اڳتي به وڌڻو آهي.

وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان استحڪام چاهيون ٿا، ڀارت ۾ به هڪ نئين سوچ اچڻ گهرجي.

عمران خان چيو ته، پاڪستان پلواما واقعي جي جاچ ڪرائڻ لاءِ تيار آهي، ڀارت سان دهشتگردي جي معاملي تي به ڳالهائڻ لاءِ به تيار آهيون.

عمران خان چيو ته، افغانستان مسئلي جيان ڪشمير مسئلي جو حل به ڳالهين ذريعي ئي ڪڍي سگهجي ٿو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*